ٽنڊو ولي محمد

ٽنڊو ولي محمد: حيدرآباد شهر جو هڪ مشهور پاڙو، جيڪو تاجپور واري نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي اوطاق سببان مشهور ٿيو. هتي نواب ولي محمد خان جي تربت پڻ آهي، جيڪا ميان سرفراز جي قبي ۽ مسجد کي سامهون آهي. نواب ولي محمد خان لغاري ابن نواب غلام محمد خان لغاريءَ جي مير صاحبن وٽ وڏي عزت هوندي هئي. هالاڻي جي جنگ ۾ مير فتح علي خان پاران نواب ولي محمد بهادريءَ سان لڙائي ڪئي. جڏهن ميرن شڪارپور تي چڙهائي ڪئي، تڏهن ميرن جي فوج جو سپهه سالار نواب ولي محمد خان هو. جنهن پنهنجي حڪمت عمليءَ سان قلعي تي قبضو ڪيو. نواب صاحب مير صاحبن جون وڏيون خدمتون ڪيون. سال 1832ع ۾ هي هڪ لائق سپهه سالار، وڏو سياستدان، شاعر ۽ حڪيم وفات ڪري ويو. ٽنڊو ولي محمد پهريائين شاهه مڪاني واري قلعي جي اتر طرف هو، جتي نواب صاحب پنهنجي نالي ڳوٺ ٻڌي وڃي ويٺو هو. پر انگريزن جي حڪومت ۾ سندن پويان موجوده ٽنڊو ولي محمد جو ڳوٺ ٻڌي وڃي ويٺا. جيڪو اڄ به ٽنڊي ولي محمد جي نالي سان مشهور پاڙو آهي.
ٽنڊي ولي محمد ۾ ’ساٽين جو پاڙو‘، ’ڪاسائين جو پاڙو‘، ’ميلا پاڙو‘، ’سخي پير‘، ’گاهه پڙي‘، ’مساڻ‘، ’پنهورن جي مسجد‘، ’هيٺالو‘، ’مڇر پاڙو‘ ۽ ’بيل خاني‘ وارا علائقا شامل آهن. وڏي مارڪيٽ به اڳ ۾ ٽنڊي ولي محمد ۾ شامل هوندي هئي. هتي اٽڪل ٻن سؤ سالن کان ’سيلاٽا‘، ’ٻاچڙا‘، ۽ ’انصاري‘ وغيره رهندڙ آهن، جن مان فرهنگ جعفريءَ جو مصنف حڪيم محمد جعفر مشهور ٿي گذريو آهي.


لفظ ٽنڊو ولي محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو